برسلز-16 جنوري (اي پي پي) بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ناظم الامور فراز زيدي سان يورپي پارليامينٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي سربراهه ڊيوڊ ميڪالسٽر ملاقات ڪئي. بيلجيئم ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ موجب ملاقات ۾ عالمي، علائقائي اهيمت جي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين سان لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.