اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 17 جنوري کان ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، ملتان ۾ شروع ٿيندي . ويسٽ انڊيز جي ٽيم اڄڪلهه پاڪستان جي دوري تي آهي جتي اها ميزبان پاڪستان ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي. ان کان اڳ پاڪستان اي ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيل ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. پاڪستاني ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪندو جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪريگ براٿويٽ جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ انتهائي دلچسپ ۽سخت مقابلي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.