اسلام آباد-15 جنوري(اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته وزارت سان آسان رابطي ۽ هدايت لاءِ پاڪ حج 2025ع موبائل ايپ جو استعمال ڪيو وڃي. وزارت پاران جاري ڪيل معلومات لاءِ آفيشل واٽس ايپ چينل پڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان موجب حج پانڌيئڙن کي معلومات ڏيڻ ۽ وزارت پاران جاري اعلانن بابت باخبر رهڻ لاءِ واٽس ايپ چينل پڻ ٺاهيو ويو آهي. سرڪاري اسڪيم جي سمورن حج پانڌيئڙن کي حج رڪنن جي ادائگي جي حوالي سان سکيا پروگرام جي شروعات 18 جنوري کان ٿيندي جيڪا 26 فيبروري تائين جاري رهندي. سکيا پروگرام ملڪ جي سمورن ضلعن ۽ تعلقن جي سطح تي مرحليوار مڪمل ڪيو ويندو. حج پانڌيئڙن کي انهن سکيا پروگرامن جي حوالي سان ڄاڻ بابت پيغام موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. سمورن حج پانڌيئڙن تي لازم آهي ته اهي سکيا پروگرامن ۾ شرڪت ڪن.