اسلام آباد-15 جنوري(اي پي پي) پاڪستان ائير پورٽ اٿارٽي (پي آءِ اي) واضع ڪيو آهي ته ڪجهه ميڊيا پليٽ فارمز تي جاري ڪيل رپورٽن جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسلام آباد انٽرنيشنل ايئر پورٽ جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ( ٽي اي آر جي) ڪنسورشيم جي فنانشل بڊ منظوري ڪئي وئي آهي بابت خبرون گمراه ڪن آهن. جاري ڪيل بيان موجب ڪنسور شيم جي فنانشل بڊ منظور ٿيڻ واريون خبرون بي بنياد ۽ ڪوڙيون آهن ، پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي جي ترجمان واضع ڪيو آهي ته اهو معاملو هن وقت منظوري واري مرحلي مان گذري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاران ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو حتمي فيصلو نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي منظوري ڏني وئي آهي .ترجمان موجب پاڪستان ايئر پورٽس اٿارٽي واضع ڪري ٿي ته ان عمل بابت لاڳاپيل اعلان مناسب وقت تي ڪيو ويندو ڪنهن به موقعي تي ڪنهن جي پاران غير ذميواري واري رپورٽنگ قومي اهميت واري معاملي کي نقصان پهچائي سگهي ٿي .ميڊيا سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي اپيل آهي ته اهي باضابطا اعلان جو انتظار ڪن.