اسلام آباد-15 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان کي دنيا جي سڀ کان وڏي انٽرنيٽ ڪيبل سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن انٽرنيٽ جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي. سينيٽ اجلاس ۾ انٽرنيٽ جي ڪارڪردگي ۽ مسئلن جي حوالي سان سوال اٿاريا ويا. سينيٽر محمد اسلم ابڙو انٽرنيٽ جي خراب معيار تي تنقيد ڪئي ۽ روزانو جي مسئلن جو ذڪر ڪيو جنهن جي جواب ۾ مملڪتي وزير چيو ته پي ٽي اي جي ڪردار ۽ انٽرنيٽ جي بهتري جي حوالي سان حڪومتي قدم کنيا پيا وڃن. آڊٽ ۽ انٽرنيٽ اسپيڊ جي مانيٽرنگ جي سلسلي ۾ پي ٽي اي انٽرنيٽ جي رفتار جو معائنو ڪندي آهي ۽ رپورٽ شيئر ڪندي آهي. گذريل سال جولاءِ کان نومبر تائين آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿيو، ملڪ ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته موبائيل براڊ بينڊ تي وڌيڪ مسئلا سامهون آيا آهن جڏهن ته فڪسڊ لائين تي ايترا مسئلا ناهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته جڏهن پي ڊي ايم حڪومت اقتدار ۾ آئي ته ملڪ شديد اقتصادي بحران جو شڪار هو. هن چيو ته مستقبل ۾ معاشي حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون.