سيئول-15 جنوري (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا ۾ جاچ ادارن مارشلا هڻندڙ صدر يون سڪ يول کي گرفتار ڪيوآهي . آفيس آف آمريڪا موجب جاچ ادارن صدر يون سڪ يول کي ڪيترن ئي ڪوششن کان پوءِ گرفتار ڪيو. ڏکڻ ڪوريا ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن صدر کي بغاوت جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. يون سڪ يول کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ جاچ ادارن پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جوائنٽ انويسٽي گيشن هيڊ ڪوارٽرز صدر جي گرفتاري لاءِ جاري ٿيل وارنٽس تي صبح جو مقامي وقت موجب ساڍي ڏهين وڳي عمل در آمد ممڪن بڻايو آهي.