لنڊن-15 جنوري(اي پي پي) عراق ۽ برطانيا 15 بلين ڊالرن جي واپاري پيڪيج ۽ دفاعي معاهدي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب عراق ۽ برطانيا جي وزيراعظمن گڏيل بيانن ۾ چيو آهي ته 14.98 بلين ڊالرن (12.3 بلين پائونڊ) تائين واپاري پيڪيج ۽ ٻه طرفن دفاعي معاهدن تي اتفاق ٿي ويو آهي . عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوڊاني ۽ برطانوي هم منصب ڪيئر اسٽارمر وچ ۾ ملاقات کان پوءِ ان معاهدي جو اعلان ڪيو ويو جنهن ۾ 2024ع کان 10 ڀيرا وڌيڪ ٻه طرفي واپار جو امڪان آهي. ان ۾ عراق ۽ سعودي عرب وچ ۾ گرڊ انٽر ڪنڪشن پراجيڪٽ لاءِ بجلي جي تفراهمي برطانوي نظام استعمال ڪرڻ لاءِ 1.2 بلين پائونڊ جو منصوبو ۽ اتر عراق ۾ القياره هوائي مرڪز کي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 610 بلين ڊالرن جو منصوبو پڻ شامل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا جي قيادت هيٺ ڪنسورشيم طرفان پاڻي جي بنيادي ڍانچي جو منصوبو پڻ معاهدي جو حصو آهي جيڪو خشڪ ڏکڻ ۽ اولهه عراق ۾ صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ان منصوبي جي ماليت برطانيا جو روانگي واپار 5.3 بلين پائونڊ تائين هوندو. عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوڊاني ۽ برطانوي هم منصب ڪيئر اسٽارمر هڪ دفاعي معاهدي تي پڻ صحيحيون ڪيون جيڪو سيڪيورٽي سهڪار ۾ هڪ نئين دور جو بنياد قائم ڪري ٿو.