ڪينبرا – 15 جنوري(اي پي پي) آسٽريليا جي شهر سڊني ۾ اڇي ۽ سرمئي رنگ جي پراسرار بالن سبب 9 سامونڊي ڪنارن کي سياحن لاءِ بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب گرمين جون موڪلون ملهائڻ لاءِ هتي آيل ماڻهن جون سرگرميون متاثر ٿيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ناردرن بيچز ڪائونسل گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته مينلي، ڊي وائي، لانگ ريف، ڪوئنز ڪلف، فريش واٽر، نارٿ ۽ سائوٿ ڪرل ڪرل ، نارٿ اسٽائن ۽ نارٿ نريبين جهڙن مشهور سامونڊي ڪنارن کي ايندڙ نوٽيس تائين بند ڪيو ويو آهي. ڪائونسل ٻڌايو ته هو ملبي کي صاف ڪرڻ ۽ انهن نمونن جون ٽيسٽون ڪرڻ ۾ مصروف آهن ڇاڪاڻ تي کين اڃان تائين معلوم ناهي ٿيو ته اها اصل ۾ ڪهڙي شيءِ آهي. ناردرن بيچز ڪائونسل فيس بوڪ تي بيان ۾ چيو آهي ته ناردرن بيچز جا 9 سامونڊي ڪنارا ان وقت بند ڪيا ويا جڏهن سمنڊ ڪناري تان اڇي ۽ سرمئي رنگ جي بالن جي شڪل جهڙو ملبو مليو. بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ماحوليات جي تحفظ واري اٿارٽي کي ملبي بابت آگاهه ڪيو ويو هو ۽ اها اٿارٽي رياستي ايجنسي سان گڏجي انهن جي نمونن جي ٽيسٽ تي ڪم ڪري رهي آهي.