بيروت-14 جنوري (اي پي پي) لبناني ايوان صدر جج نواف سلام کي وزيراعظم چونڊي ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب نواف سلام کي پارليماني صلاح مشوري سان 128 مان 85 ميمبر پارليامينٽ 85 حمايت ۾ ووٽ وڌا، 9 مخالفت ۽ 34 ميمبرن ڪنهن به اميدوار جي حمايت ناهي ڪئي. ايوان صدر جي ڊائريڪٽر جنرل انطوان شقير بيان ۾ چيو ته صدر جوزف عون جج نواف سلام کي طلب ڪيو آهي ته جئين هو ان کي حڪومت سازيءَ جي ذميواري ڏئي ڇڏي. نواف سلام هن وقت ملڪ کان ٻاهر آهي. وزيراعظم جي عهدي تي نامزدگيءَ لاءِ جج نواف سلام ۽ نجيب ميقاتي وچ ۾ مقابلو هيو.