اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ فائبر آپٽڪ جي ذريعي براڊ بينڊ سروسز جي فروغ جي لاءِ موجوده رائيٽ آف وي جي ضابطن کي وڌيڪ آسان بڻائڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند ڪاروباري ماڻهن کي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ آءِ ٽي واري وزارت جي معاملن بابت جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ فائبر آپٽڪ جي ذريعي براڊ بينڊ سروسز جي فروغ جي لاءِ موجوده رائيٽ آف وي جي ضابطن کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. هن نوجوانن جي ٻاهرئين ملڪ ملازمت جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ انهن کي عالمي گهرجن موجب آءِ ٽي تربيت فراهم ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي شعبي ۾ پاڪستان اچڻ جي خواهشمند ڪاروباري ماڻهن کي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ آساني پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي ايس اي بي جي سفارش تي ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ آءِ ٽي شعبي ۾ پاڪستاني ڪمپنين جون خدمتون وٺندڙ ڪاروباري ماڻهن کي 24 ڪلاڪن ۾ ويزا جاري ڪرڻ ۽ ملڪي آءِ ٽي شعبي جي مارڪيٽنگ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪي روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ آءِ ٽي انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي آءِ ٽي روانگي واپار کي 25 بلين ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته عوام جي سمارٽ فونز تائين پهچ، وڌ کان وڌ علائقن تائين براڊ بينڊ سروس جي فراهمي، انٽرنيٽ اسپيڊ ۾ اضافي ۽ ٻين هدفن تي ڪم تيزي سان جاري آهي. ايندڙ ٻن سالن ۾ ملڪ ۾ موجوده 1.4 ملين فري لانسرز جي انگ کي 2 ملين تائين آندو ويندو، جون 2025ع تائين ڊيجي اسڪلز پروگرام جي ذريعي ٽي لک کان وڌيڪ ماڻهن کي تربيت ڏني ويندي ۽ ايندڙ ٻن سالن تائين ان انگ کي 9 لک تائين آندو ويندو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته قومي اي آءِ پاليسي تي مشاورت جاري آهي ۽ ايندڙ مهيني منظوري جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا.