نوڪ-14 جنوري (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گرين لينڊ کي آمريڪا سان شامل ڪرڻ جي خواهش کانپوءِ پيٽرياٽ پولنگ فائونڊيشن پاران ڪرايل سروي ۾ گرين لينڊ جي 57.3 سيڪڙو رهاڪن گرين لينڊ جي آمريڪا جو حصو بڻجڻ جي حمايت ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب ريفرنڊم جي رپورٽ ويب ويب سائٽ ”دي هل “ ڏني آهي. پيٽرياٽ پولنگ فائونڊيشن پاران ڪرايل سروي موجب 57.3 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن گرين لينڊ آمريڪا جو حصو بڻجڻ تي اتفاق ڪيو، رڳو 37.4 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن امڪاني الحاق جي مخالفت ڪئي. 5.3 سيڪڙو ماڻهن ڪو به فيصلو نه ڪرڻ جو ٻڌايو. ڊونلڊ ٽرمپ گرين لينڊ ۽ پاناما ڪينال جي ٻيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ فوجي ڪارروائي کي رد ڪرڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مان اهو چئي سگهان ٿو ته اسان کي اقتصادي تحفظ لاءِ ان جي ضرورت آهي. فوجي ڪارروائي نه ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو اعلان نه ڪندس، اسان کي اهڙو ڪجهه ڪرڻو پوندو.