واشنگٽن-14 جنوري (اي پي پي) آمريڪي جوبائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ جنگبندي جي معاهدي تحت يرغمالين جي آزادي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته فلسطينين لاءِ امداد ۾ وڏي پيماني تي واڌ ٿيندي. وائيس آف آمريڪا جي رپورٽ موجب پنهنجي صدارت جو مُدت جي آخري هفتي شروع ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي آخري پرڏيهي پاليسي کي خطاب ۾ صدر جوبائيڊن چيو ته جنگ ۾ وڏي انگ ۾ بيگناهه ماڻهو مارجي چڪا آهن، ڪيتريون ئي برادريون تباهي کي مُنهن ڏئي رهيون آهن ۽ فلسطيني عوام امن جو حقدار آهي. صدر چيو ته معاهدي تحت يرغمال بڻايل ماڻهو آزاد ٿيندا، جنگ بند ٿي ويندي، جڏهن ته اسرائيل جي سيڪيورٽي ان معاهدي ۾ شامل آهي. هن چيو ته هي معاهدو فلسطين لاءِ وڏي پيماني تي امداد جي فراهمي جو ضامن هوندو، جن هن جنگ سبب وڏو نقصان برداشت ڪيو آهي. هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان جاري هن جنگ دوران غزه جي صحت کاتي مطابق 46 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اڪثر ٻار ۽ عورتون شامل آهن. نومبر 2023ع ۾ ڪجهه ڏينهن جي عارضي جنگبنديءَ ۾ 80 اسرائيلي يرغمالين کي آزادي ملي، جڏهن ته معاهدي تحت اسرائيل جي جيلن مان 240 فلسطينين کي آزادي ملي هئي، اڃا تقريبن 100 اسرائيلي يرغمال آهن، جن جي باري ۾ اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته هنن مان 34 مري ويا آهن. تازي ڳالهين جي نتيجي ۾ وڌيڪ 33 اسرائيلي يرغمالين جي آزاديءَ جو امڪان آهي. آمريڪا، قطر ۽ مصر غزه ۾ جنگبنديءَ لاءِ ڌُرين وچ ۾ ڳالهين ۾ ٽياڪڙي ڪري رهيا آهن. عملدارن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي چڪي آهي جنهن سان اسرائيل ۽ـ حماس مرحليوار جنگبنديءَ جي معاهدي جي ويجهو ايندا پيا وڃن جيتوڻيڪ اڃا تائين ڪيتريون رڪاوٽون موجود آهن، ان ڪري ڌُريون حتمي معاهدي تي پهچي نه سگهيون آهن. اسرائيل جو چوڻ آهي ته ڳالهيون اهم مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن. اسرائيلي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ٿيل اڳڀرائي گذريل ڪوششن کان بهتر آهي. هن چيو ته مان پنهنجي آمريڪي دوستن جي ڪوششن تي سندن شڪريو ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ معاهدي جي حوالي سان ڪري رهيا آهن. آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ گذريل ڏينهن چيو هو ته کين اميد آهي ته يرغمالين جي آزادي ۽ جنگبنديءَ جو معاهدو هلندڙ هفتي جي پڄاڻيءَ تائين ٿي ويندو.