اسلام آباد-14 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ ٽيڪسن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي مارڪيٽنگ کي چيني ڪيپيٽل مارڪيٽ سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جون تائين پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جو خواهشمند آهي پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ سيڪيورٽي حالتون بهتر آهن. چين جي سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ کي انٽرويو ۾ ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن سان 200 کان 250 ملين ڊالر گڏ ڪرڻ جو خواهشمند آهي. مصر جي طرز تي يوآن بانڊز جي جاري ڪرڻ جي بئنڪ گارنٽي لاءِ ايشين انفراسٽريڪچر انويسٽمنٽ بئنڪ سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ايندڙ مهينن ۾ پنهنجي ڪريڊٽ ريٽنگ کي سنگل بي ۾ بدلائڻ لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ چيني سيڙپڪاري گهڻي اهم آهي. سي پيڪ کي ملڪي معيشت لاءِ اهم قرار ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان سي پيڪ جي ايندڙ فيز ۾ چين سان وڌيڪ سهڪار جو خواهشمند آهي. سي پيڪ جي ايندڙ فيز ۾ خصوصي اقتصادي زونز، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالوجي شعبن ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته چين جي نجي شعبي ۽ روانگي واپار جي صنعتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي. چين جي وڏي ڪمپني پنهنجي روانگي واپار جا يونٽس پاڪستان منتقل ڪري پاڪستان کي روانگي واپار جي مرڪز طور تي استعمال ڪري سگهي ٿو. سي پيڪ ٽو ۾ روانگي واپاري صنعتن جي ترجيع سان قرض ادائيگي کي آسان بڻايو ويندو. هن چيو ته آمدني واپار تي ٻَڌل معيشت سبب پاڪستان کي مٽاسٽا جي گهٽتائي ۽ ادائيگين ۾ عدم توازن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويندو. پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جون حالتون بهتر ٿي ويون آهن. عالمي ڪانفرنسز ٿي رهيون آهن، پرڏيهي وفد اچي رهيا آهن. پرڏيهي ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ پاڪستان جي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. پاڪستان چين سان گڏ چيني خطي هانگ ڪانگ سان ڪاروباري حصيدار ۽ هانگ ڪانگ اسٽاڪ ۾ پاڪستاني ڪمپنين جي شرڪت جو خواهشمند آهي. ڪاروباري حصيداريءَ لاءِ هانگ ڪانگ جي سيڙپڪارن جو پاڪستان جي دؤري لاءِ هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪٽو جان لي ڪاچيو سان ڳالهيون ٿيون آهن. گڏيل ڀائيواريءَ سان ٻه طرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ملندي. هن چيو ته پاڪستاني ڪمپنين ۽ بيئنڪن روايتي طور تي ملڪ کان ٻاهر لنڊن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ لسٽنگ ڪئي آهي، جنهن مان پاڪستان کي فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.