اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ منافقت جي سياست ڪري رهي آهي، ڪنهن کي هائوس کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جنهن اداري عمر ايوب کي ان قابل ڪيو ته هو هائوس ۾ بيهي تقرير ڪري سگهي، انهي اداري جي خلاف ڳالهه ڪندي کيس شرم اچڻ گهرجي، ملڪ ۾ پري سينسرشپ جو ڪو سسٽم لاڳو نه آهي، پروٽيڪشن آف جرنلسٽس بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ هن هائوس ۾ هنگامو برپا ڪيو ويو، پي ٽي آءِ منافقت جي سياست ڪري رهي آهي، منافقت جي سياست نه هلندي، ايوان ائين نه هلندو جهڙي طرح توهان چاهيو ٿا. هن چيو ته مُخالف ڌر اڳواڻ ڊيٿ ٽول جي ڳالهه ڪئي، اهو ڊيٿ ٽول آهي يا ڪو پنکو هلي رهيو آهي، ڪڏهن 1600 ماڻهو مري وڃن ٿا، ڪڏهن 1200، اڄ عمر ايوب 13 فوتگين تي اچي ويو آهي، ڇا انهن جي ڪوڙ کي مڃيو وڃي؟ وفاقي وزير چيو ته هي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي ڳچيءَ مان جهليو بيٺا آهن، انهن غزه، فلسطين جي تصويرن کي پنهنجي مقصدن جي لاءِ سوشل ميڊيا تي ڦهلايو، اسلام آباد جي رستن کي رت ۾ ٻُڏل ڏيکاريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڇا انهن مسنگ پرسنز جي حوالي سان ڪنهن منسٽري کي ڪا درخواست ڏني آهي؟ قانون واري وزير هاءِ ڪورٽ جي هدايتن تي مسنگ پرسنز جي حوالي سان ميٽنگ ڪئي، عمر ايوب ان ۾ هڪ به نالو نه ورتو. هن چيو ته عمر ايوب روزانو هتي بيهي ادارن جي ڪردارڪشيءَ ڪري ٿو، جنهن اداري عمر ايوب کي ان قابل ڪيو ته هو هائوس ۾ بيهي تقرير ڪري سگهي، انهي اداري جي خلاف ڳالهه ڪندي کيس شرم اچڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته اڄ خيبرپختونخواهه جون بدترين حالتون آهن، ڪرم ۾ لاش ڇو ڪِريا؟ اتي امن ڪنهن خراب ڪيو؟ هن چيو ته جڏهن ڪرم ۾ لاش ڪِري رهيا هئا ته هي اسلام آباد تي ڪاهه ڪري رهيا هئا. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪوڙ ۽ منافقت تي ٻڌل بيانيو ٺاهي رهي آهي، ڪڏهن لاشن جا نمبر 1600 ٿي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن 1200. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي دور ۾ ساهيوال ۾ جن ٻارن جي سامهون انهن جي والدين کي گوليون هنيون ويون انهن ٻارن کي تعزيت جي لاءِ لاهور گهرايو ويو، وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ انهن ٻارن سان دعا ڪئي وئي جن جي والدين کي ڇاتين ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. هن چيو ته ٽي ايل پي جي 25 ماڻهن کي لاهور ۾ سرعام گوليون هنيو ويو، ڇا انهن ڪڏهن ان تي ڳالهه ڪئي؟ پي ٽي آءِ جي قاسم باغ ملتان جلسي ۾ ڀاڄ پوڻ سان انهن جا پنهنجا 25 ماڻهو شهيد ٿيا، باني چيئرمين پي ٽي آءِ ان وقت تقرير ڪري رهيو هو ۽ سامهون لاش پيل هئا، ڇا انهن سان ڪڏهن تعزيت ڪئي؟ اڄ انهن کي لاش نظر اچي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جا ٻاهرئين ملڪ ويٺل نمائندا غيرملڪي ايجنٽن کان پئسا وصول ڪن ٿا ۽ پوري دنيا ۾ گهمي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر رياست ۽ ادارن جي خلاف مهم جي لاءِ فنڊنگ ڪٿان ٿي رهي آهي؟ اڄ هي پنهنجي ڳالهه ڪري هلي ويا انهن ۾ ٻين جي ڳالهه ٻڌڻ جو حوصلو نه آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڪاش هي ماڻهو 9 مئي تي به ”اون اون“ ڪري وٺن ها ۽ شهيدن جي يادگارن کي مسمار نه ڪن ها، ڪاش هي 26 نومبر تي به اون اون ڪري وٺن ها، جاپان ۾ جن ماڻهن احتجاج ڪيو هو اهي گڏ ڪم به ڪري رهيا هئا. قومي اسيمبلي ميمبر شهلا رضا جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيمرا وٽ موجوده قانون ۽ ريگيوليشنز تحت نوٽيسز جاري ڪرڻ جو اختيار آهي، پري سينسرشپ جو ڪو سسٽم ملڪ ۾ لاڳو نه آهي ۽ نه ئي سينسرشپ جي حوالي سان ڪي هدايتون جاري ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته اها ڳالهه صحيح آهي ته سمورن چينلز جي لائيسنز ۽ انهن جي تجديد پيمرا وٽ آهي پر ڪونٽينٽ ۽ پبلڪ سروس ميسز جي حوالي سان هڪ گائيڊ لائين جاري ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪنهن تي سينسرشپ ناهي لڳائي وئي، نه ئي ڪنهن کي پابند ڪيو ويو آهي. مهرين رزاق ڀٽو جي ضمني سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پروٽيڪشن آف جرنلسٽس بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ رکيو ويندو. هن چيو ته چيئرپرسن جي مقرري جي لاءِ ٽي چار نالا شارٽ لسٽ ٿيا آهن. پي ايف يو جي پاران جيڪو نالو اچڻو هو اهو اچي چڪو آهي، جيئن ئي نالن جي ڪليئرنس ٿيندي ڪنهن هڪ شخص کي چيئرپرسن مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته جڏهن به گڏيل اجلاس ٿيندو بل جي اڻ مڪمل شقن کي مڪمل ڪيو ويندو.