اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڇي ضلعي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پذيرائي ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪارروائي دوران 27 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پوري قوم پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ بيٺل آهي، مون سميت پوري قوم پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ دشمنن جي خلاف جنگ ۾ شريڪ سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.