اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) مولاءِ ڪائنات مولا علي عليه جي ولادت مبارڪ 13 رجب المعرجب 14 جنوري اڱاري ڏينهن پوري دنيا سميت پاڪستان ۾ عقيدت، احترام ۽ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي ويندي. سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون، سيمينارز ۽ محفلون منعقد ٿينديون، مسجدن ۽ امام بارگاهن ۾ جشن منعقد ڪيا ويندا جڏهن ته اخبارن ۾ خصوصي اشاعتون شايع ڪيون وينديون ۽ مولا علي عليه جي شان ۾ محفلون منعقد ڪيون وينديون.