اسلام آباد- 13 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ترقيءَ جون نيون راهون کولڻ، چٽاڀيٽي کي وڌائڻ ۽ عالمي معيشت ۾ اُڀرندڙ چئلينجن کي مُنهن لاءِ جدت وارن طريقن، ٽيڪنالاجيز ۽ ڪاروباري ماڊلز اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريندي چيو آهي ته پاڪستان اُڀرندڙ مالياتي منظرنامي جي روشنيءَ ۾ هڪ مستحڪم پاليسي فريم ورڪ ۽ تسلسل فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه هانگ ڪانگ ۾ ايشيائي مالياتي فورم 2025ع جي شروعاتي اجلاس ۾ ”جدت: معاشي ترقيءَ لاءِ واقعن جو سبب بڻجڻ وارا سبب“ جي موضوع تي خطاب ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير پنهنجي مُک تقرير ۾ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدت وارين پاليسين ۽ لائحه عمل اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو. هن دنيا جي معيشتن جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ جدت جي ڪردار، اهميت ۽ تبديليءَ جي طاقت تي تفصيلي روشني وڌي. ناڻي واري وزير ايشيا جي اُڀرندڙ مالياتي منظرنامي جي روشنيءَ ۾ هڪ مستحڪم پاليسي فريم ورڪ ۽ تسلسل فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي پُختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ نجي شعبي جي ڪردار ۽ اهميت تي روشني وڌي. هن ترقيءَ جون نيون راهون کولڻ، چٽاڀيٽي کي وڌائڻ عالمي معيشت ۾ اُڀرندڙ چئلينجن کي مُڻهن لاءِ جديد طريقن، ٽيڪنالاجيز ۽ ڪاروباري ماڊلز اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير بزنس، فنانس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ هانگ ڪانگ جي اهم مالياتي مرڪزي هئڻ ۽ خاص ڪري مصنوعي ذهانت ۽ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي استعمال ۾ هانگ ڪانگ جي تجربن مان سِکڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وفاقي وزير پاڪستان کي جٽادار ۽ جامع ترقيءَ طرف گامزن ڪرڻ لاءِ جدت، صنعتڪاري ۽ فني ترقيءَ جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم جي وضاحت ڪئي. هن اقتصادي ترقي ۽ سماجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جدت ۽ سهڪار لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ حڪومت جي ڪردار کي ساراهيو. هن فنانس، معاشي پاليسي سازي ۽ مستقبل جي خوشحالي ۽ لچڪ جي مُک محرڪ طور تي جدت کي اپنائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو.