اسلام آباد- 13 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته پاڪستان تي موسمياتي تبديلين جا سخت اثر پئجي رهيا آهن، گرمي جي لهرن، ٻوڏن ۽ سوڪهڙي، عورتن ۽ نابالغ ڇوڪرين جي ذهني صحت کي متاثر ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن ناروي جي اڳوڻي وزيراعظم ڪجيل مينگي بونڊيڪ سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. رومينه خورشيد عالم موسمياتي چئلينجز خاص ڪري سرسبز توانائي طرف منتقلي ۽ عالمي تجربن مان سکڻ لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڀريو. هن ناروي جي اڳوڻي وزيراعظم جي انساني حقن لاءِ مضبوط وڪالت جي تعريف ڪئي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عالمي سهڪار جي اهميت تي زور ڀريو ۽ ان سلسلي ۾ خاص ڪري ڪشمير ۾ ٿيل ڀڃڪڙين جو حوالو ڏنو. هن 2022ع جي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن سبب سنڌ ۽ ٻين علائقن ۾ وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ٿي ۽ بلوچستان ۾ بيمارين سميت اهم مالي، سماجي، نفسياتي ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته اسان موسمياتي ڊپلوميسي ۾ نه صرف پاڪستان پر سمورن ڪمزور ملڪن لاءِ سهڪار جا خواهشمند آهيون. موسمياتي تبديلي پاڪستان کي سخت متاثر ڪيو آهي پر اسان خطرن جي لحاظ کان پنجين نمبر تي آهيون. هن چيو ته اسان اهڙن قدمن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون جيڪي موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن. ان موقعي تي موسمياتي تبديلين واري وزارت ۽ ماحولياتي رابطن جي سيڪريٽري عائشه حمير مورياني چيو ته پاڪستان جو سڀ کان وڏو چئلنيج ڪلائمينٽ فنانس تائين پهچ آهي. هن چيو ته جيڪڏهن سيڙپڪاري اهم آهي ته اسان کي گرمي جي لهرن ۽ گليشيئر پگهرجڻ سبب متاثر علائقن ۾ بحاليءَ جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ ڪافي ناهي. هن چيو ته اسان بحالي جي ڪوششن لاءِ قرضن جي رقم رکي نٿا سگهون، ان فنڊز جو رُخ موسمياتي آفتن جي بحاليءَ لاءِ ناهي پر ملڪ جي، جي ڊي پي جي اؤسر طرف هئڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان تازي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ واٽر ڊي سيلينيشن ٽيڪنالاجيز تي عمل پيرا آهي ۽ صاف توانائي جي ٽيڪنالاجي لاءِ مراعتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ناروي جي اڳوڻي وزيراعظم موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان سهڪار ڪرڻ لاءِ ناروي جي آمادگيءَ جو اظهار ڪيو. هن ناروي طرفان اليڪٽرڪ گاڏين جي ڪامياب لاڳو ڪرڻ کي مثال طور پيش ڪندي پاڪستان کي سبز توانائيءَ طرف منتقلي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار جي آڇ ڪئي. اجلاس ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ جوائنٽ سيڪريٽري به شرڪت ڪئي. خيرسگالي جي اظهار ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ناروي جي وفد جي ميمبرن کي سوونيئر ۽ پاڪستاني ٺاهيل فٽبال پيش ڪيو.