اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪڇي بلوچستان ۾ آپريشن دوران 27 دهشتگرد جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بلوچستان ۾ سرگرم دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان جي بهادر فوج دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. هن چيو ته آپريشنز دوران دهشتگردن جو خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي. صدر ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار جي معترف آهي.