اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ ايف بي آر کي گڏجي ڪم ڪرڻ، جديد خودڪار نظام کي ڪراچي کانپوءِ ٻين شهرن ۾ پڻ جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ ۽ وڌيڪ صنعتي شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ۾ ڊيجيٽائيزيشن ۽ سڌارن جي حوالي سان گذريل مهينن ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪسٽمز نظام ۾ گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت تي ٻڌل نظام متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن فيس ليس ڪسٽمز اسيسمنٽ سسٽم ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت ۽ ايف بي آر کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪري نظام کي آرٽيفيشل انٽيلي جنس تي منتقل ڪيو وڃي، فيس ليس اسيسمنٽ نظام کي ڪراچي کانپوءِ ٻين شهرن ۾ پڻ جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ سموري درآمدات ان نظام مان فائدو کڻي سگهي. وزيراعظم وڌيڪ صنعتي شعبن ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي ايف بي آر جي تازي سڌارن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ڪراچي بندرگاهه جي سمورن ٽرمينلز تي ڪسٽمز فيس ليس نظام فيبروري 2025ع جي پڄاڻي تائين مڪمل ٿي ويندو، جلد ئي اهو نظام پوري ملڪ ۾ فعال ٿي ويندو جنهن جي لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته فيس ليس ڪسٽمز نظام جي نگراني جي حوالي سان مرڪزي ڪنٽرول روم قائم ڪيو پيو وڃي، انسپيڪشن جي نتيجن جي داخلا جي سسٽم کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ جي حوالي سان باڊي ڪئميرا ۽ ٽيبليٽس جو استعمال يقيني بڻايو ويندو، سمورن ٽرمينلز تي موبائيل فون سگنلز جيمرز ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائون هنيون پيون وڃن ته جيئن انسپيڪشن جي نظام کي وڌيڪ شفاف بڻائي سگهجي، ڪسٽمز جي نئين نظام جي لاءِ شفاف ڀرتين جي عمل جي شروعات ڪئي پئي وڃي، ٽوبيڪو، فرٽيلائيزرز، شگر ۽ سيمنٽ انڊسٽري جي سمورن صنعتي يونٽس ۾ ٽريڪ اينڊ ٽريس جو نظام لاڳو ٿي چڪو آهي، اهڙي طرح ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ سان 24 – 2023ع ۾ گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ ٽوبيڪو، شگر، سيمنٽ ۽ فرٽيلائيزرز انڊسٽري مان حاصل ٿيندڙ اوڳاڙين ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو. اجلاس ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم جي مڪمل لاڳو سان هن سال سمورين انهن انڊسٽريز سان ٿيندڙ اوڳاڙين ۾ وڌيڪ بهتري متوقع آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ويب بيسڊ ون ڪسٽمز جي اپ گريڊيشن جي شروعات ڪئي وئي آهي جنهن جي ڊيزائن مارچ جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.