اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان ۽ برطانيا جي دوستي گرمجوشي، خوشگوار لاڳاپن، مضبوط تعاون ۽ اعتماد تي ٻڌل آهي، ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پروان چڙهندڙ اهي لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ اهم ترجيح آهن، گهري ۽ گهڻ رخي لاڳاپن ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم، سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي، پارلياماني تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت اهم شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي، اسان برطانيا ۾ وڌندڙ نسل پرستاڻي ۽ اسلامو فوبيا تي ٻڌل سياسي ۽ ميڊيا تبصرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن جو مقصد ڪجهه ماڻهن جي مذمي جوڳي قدمن کي پوري 1.7 ملين برطانوي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ڳنڍڻ آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اهو بيان برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري بابت تازي غيرملڪين سان نفرت تي ٻڌل تبصرن بابت ميڊيا جي سوالن جي جواب ۾ ڏنو. ترجمان چيو ته 1.7 ملين برطانوي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي موجودگي ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رابطا فراهم ڪري ٿي. پاڪستان ۽ برطانيا جي دوستي گرمجوشي، خوشگوار مزاجي، مضبوط تعاون ۽ اعتماد تي ٻڌل آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پروان چڙهندڙ اهي لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي هڪ اهم ترجيح آهن. گهري ۽ گهڻ رخي لاڳاپن ۾ واپار ۽ سيڙڪاري، تعليم، سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي، پارلياماني تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت اهم شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي. 1.7 ملين برطانوي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي موجودگي ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رابطو فراهم ڪري ٿي. تنهن ڪري اسان برطانيا ۾ وڌندڙ نسل پرستاڻي ۽ اسلامو فوبيا تي ٻڌل سياسي ۽ ميڊيا تبصرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪريون ٿا جنهن جو مقصد ڪجهه ماڻهن جي مذمت جوڳي قدمن کي پوري 1.7 ملين برطانوي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ڳنڍڻ آهي. پاڪستاني ڄائي برطانوي شهرين جي برطانيا جي گروٿ، ترقي ۽ حقيقي آزادي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي شاندار تاريخ آهي. موجوده پاڪستان سان تعلق رکندڙ مسلمان فوجين جي هڪ غيرمعمولي انگ برٽس انڊين فوج ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ٻنهي عالمي جنگين ۾ جمهوريت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. برٽش پاڪستاني اڄ برطانيا ۾ صحت، خوراڪ ۽ خدمتن جي شعبن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. ڪيترائي برطانوي پاڪستاني اعليٰ عوامي عهدن تي فائز آهن ۽ هزارين پنهنجي برادرين کي پارليامينٽ جي ميمبرن، ميئرز، ڪائونسلرز ۽ مقامي پوليس ۽ ميونسپل سروسز جي ميمبرن جي طور خدمتون سرانجام ڏين ٿا. برٽش پاڪستانين راندين ۽ فنون لطيفه ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي. انهن جا کاڌا ۽ موسيقي برطانوي ثقافت کي مالامال ڪن ٿا. ڪجهه ماڻهن جي قدمن جي بنياد تي ايتري وڏي برادري کي بدنام ڪرڻ جي مذمت ڪرڻ جي ضرورت آهي.