اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي حڪومت جي گهٽ لاڳت گهرن جي جاري منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ نجي شعبي سان حصيداري ۽ هائوسنگ جي منصوبن جي تعمير جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن يقيني بڻائڻ ۽ تعميراتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي هر شهري کي گهٽ لاڳت رهائش جي فراهمي جي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ هائوسنگ واري وزارت جي جاري منصوبن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس دوران هدايت ڪئي ته سرڪاري ملازمن ۽ عوام جي لاءِ تعمير ڪيا ويندڙ منصوبن جي لاءِ عالمي شهرت يافته تعميراتي ڪمپنيون چونڊيون وڃن، تعميراتي منصوبن جي لاءِ ڪمپنين جي چونڊ شفاف طريقيڪار ۽ ميرٽ تي ڪئي وڃي. تعميراتي منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس دوران وزيراعظم کي پي ڊبليو ڊي ۽ ٻين فعال ادارن جي تحليل جي حوالي سان قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پي ڊبليو ڊي ۽ ٻين فعال ادارن جي تحليل سان ڪرپشن ۾ گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملازمن کي موجوده سرڪاري گهرن جي الاٽمينٽ جي نظام جي ڊيجيٽائيزيشن خوش آئنده آهي، پاڪستان جي هر شهري کي گهٽ لاڳت رهائش جي فراهمي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، شهرين کي گهٽ لاڳت گهرن جي فراهمي جي منصوبن ۾ ڪرپشن جي گهٽتائي جي لاءِ سڌارن جو عمل جاري آهي. هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان پاڪستان جو عالمي منظرنامي تي تشخص بحال ٿيو آهي، ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ، ٻين راندين ۽ عالمي ڪانفرنسز جو انعقاد ٿي رهيو آهي، ٻاهرئين ملڪ مان آيل مهمانن جي لاءِ ملڪ ۾ عالمي معيار جون هوٽلز، اسپتالون ۽ ٻيون سهولتون قائم ڪيون وينديون. وزيراعظم هائوسنگ واري وزارت کان عالمي معيار جي سهولتن جي لاءِ جامع پلان طلب ڪري ورتو. وزيراعظم قومي هائوسنگ پاليسي جي جوڙجڪ مارچ تائين مڪمل ڪري منظور ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته وزارت تحت جاري عوامي رهائشي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن ورڪنگ ڪلاس کي جلد گهٽ لاڳت رهائش ميسر ٿئي. وزيراعظم هائوسنگ واري وزارت ۽ ٻين وزارتن ۾ غيرفعال ادارن جي تحليل ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ ان ڪميٽي کي نه رڳو هائوسنگ واري وزارت پر ٻين وزارتن کي پڻ سڌارن ۾ ضروري مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ هائوسنگ واري وزارت وزيراعظم کي وزارت جي مختلف ادارن ۾ جاري سڌارن تي اڳڀرائي ۽ پاليسي قدمن کان آگاهه ڪيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قومي هائوسنگ پاليسي 2001ع ۾ ترميمن جي لاءِ سمورين ڌرين سان مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ مارچ 2025ع تائين ان جي حتمي منظوري جو عمل مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سرڪاري ملازمن کي گهرن جي الاٽمينٽ ۽ ڪرايا حاصل ڪرڻ جي نظام کي ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي جنهن سان ڪرپشن جو خاتمو ممڪن ٿيندو ۽ نظام ۾ شفافيت ايندي. وزيراعظم کي پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي تحت جاري ۽ مستقبل جي منصوبن جي حوالي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ڪچلاڪ ڪوئيٽا ۾ 630 گهٽ لاڳت رهائشي يونٽس جڏهن ته اسلام آباد ۾ 4112 رهائشي يونٽس تي ڪم تيزي سان جاري آهي. وزيراعظم انهن منصوبن جي جلد تڪميل ۽ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪئي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پشاور ۾ 5728 گهٽ لاڳت رهائشي يونٽس تي جلد جڏهن ته ويجهي مستقبل ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ 5600 رهائشي يونٽس تي ڪم شروع ڪيو ويندو. وزيراعظم سمورن رهاشي منصوبن ۾ سٺي ساک رکندڙ تعميراتي ڪمپنين جون خدمتون وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آن لائين ادائيگي، شڪايتن جي ازالي جي لاءِ ڊيجيٽل نظام، ون ونڊو آپريشن، ريئل ٽائم مانيٽرنگ، جيو ٽيگنگ ۽ ٻين سڌارن سان نظام ۾ شفافيت ۽ تيزي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي اٿارٽي پاران اسلام آباد ۾ عالمي معيار جي سهولتن بشمول فائيو اسٽار هوٽل، اسپتالون، آءِ ٽي پارڪ، اپارٽمينٽ ڪمپليڪسز ۽ عاليم معيار جي اسڪولن جي تعمير جي منصوبن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ان حوالي سان جلد تعميراتي لاڳت ۽ گهربل وقت سان گڏ هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن رياض حسين پيرزاده، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.