ڪيپ ٽائون-07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپنر صائم ايوب علاج لاءِ ڪيپ ٽائون کان لنڊن روانو ٿي ويو. اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود به ساڻس گڏ آهي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي هدايت تي انگلينڊ جي ماهر اسپورٽس آرٿو ڊاڪٽرز صائم ايوب جو چيڪ اپ ڪندا. پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته صائم ايوب پاڪستان ڪرڪيٽ جو قيمتي اثاثو آهي. سندس علاج لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪيا ويندا. هن صائم ايوب جي مڪمل صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته هو نوجوان بيٽسمين جي صحت جي حوالي سان مسلسل ڊاڪٽرن سان رابطي ۾ آهي. ياد رهي ته صائم ايوب فريڪچر سبب 6 هفتن تائين ڪرڪيٽ نه کيڏي سگهندو. هو ڏکڻ آفريقا خلاف ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن فيلڊنگ ڪندي انجري جو شڪار ٿيو هو.