راولپنڊي- 07 جنوري (اي پي پي) پي ايس ايل 10 لاءِ پليئر ڊرافٽنگ جي تقريب 13 جنوري تي لاهور جي حضوري باغ قلعي ۾ منعقد ٿيندي. پي سي بي مطابق پهريان اها تقريب گوادر ۾ ٿيڻي هئي جڏهن ته لاجسٽڪ چيلنجز سبب هاڻي گوادر کان لاهور منتقل ڪيو ويو آهي، مارچ ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل ٽرافي ٽوئر جي روٽ ۾ گوادر هڪ اهم هنڌ طور تي شامل ٿيندو، پي ايس ايل جو تاريخي ڏهون ايڊيشن 8 اپريل کان 19 مئي وچ ۾ منعقد ٿيندو، 6 فرنچائزز سومر 13 جنوري تي لاهور جي مشهور ورثي واري هنڌ تي پليئر ڊرافٽ جي تقريب دوران پنهنجي اسٽارز تي ٻڌل اسڪواڊ جي چونڊ ڪندا.