ويلنگٽن -03 جنوري (اي پي پي)نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽر نيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 5 جنوري تي پهرين ميچ سان ٿيندي ،اها ميچ بيسن ريزرو،ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي .ان کان اڳ ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم مهمان سريلنڪن ٽيم کي ٽن ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 2-1 تان هارايو هيو .سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم اڄڪلهه نيوزيلينڊ ۾ آهي جتي اها ميزبان ٽيم خلاف ٽي – ٽوئنٽي، ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٽن تي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن ۾ ميزبان نيوزيلينڊ آئيلينڊرز کي 2-1 تان هارايو هيو . نيوزيلينڊ جي ٽيم جي اڳواڻي مچل سينٽر ڪري رهيو آهي جڏهن ته سريلنڪن ٽيم کي ون ڊي سيريز ۾ چارٿ اسا لنڪا ليڊ ڪري رهيو آهي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ 8 جنوري تي سڊن پارڪ هيملٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽آخري ميچ 11 جنوري تي ايڊن پارڪ ، آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي .