ڪراچي -02 جنوري (اي پي پي) سريلنڪا ۾ ٿيندڙ فزيڪل ڊس ايبلٽي چيمپئينز ٽرافي لاءِ قومي ٽيم جو تربيتي ڪيمپ 3 جنوري جمعي کان آر ايل سي اي گرائونڊ، گلبرگ ۾ شروع ٿيندو. فزيڪل ڊس ايبلٽي چيمپئينز ٽرافي 12 جنوري کان 21 جنوري تائين سريلنڪا ۾ کيڏي ويندي جنهن ۾ پاڪستان، سريلنڪا ، انگلينڊ ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون شرڪت ڪنديون. پي پي ڊي سي جي ترجمان مطابق تربيتي ڪيمپ لاءِ 20 رانديگرن کي دعوت ڏني وئي آهي . تربيتي ڪيمپ هيڊ ڪوچ صبيح اظهر جي نگراني ۾ ٿيندي جنهن ۾ رانديگرن کي بالنگ، بيٽنگ، فيلڊنگ ۽ فزيڪل فٽنيس ڊرلز سميت مختلف سيشنز ۾ ٽريننگ ڏني ويندي. حتمي ٽيم جو اعلان ڪيمپ جي آخر ۾ ڪيو ويندو.