ميلبورن -19 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 5 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي چوٿين ٽيسٽ ميچ 26 ڊسمبر کان ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽيسٽ ميچن جي بارڊر – گواسڪر ٽرافي سيريز 1-1 تان برابر آهي. ڀارتي ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي ٽيم کي 295 رنسن تان هارائي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪئي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ ميزبان آسٽريلوي ٽيم جاندار ڪم بيڪ ڪندي مهمان ٽيم کي آساني سان 10 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو ۽ پنجن ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.ٻنهي ٽيمن وچ ۾ برسبين ۾ کيڏيل ٽئين ٽيسٽ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي.