جوهانسبرگ- 16 ڊسمبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات اڱاري 17 ڊسمبر کان ٿيندي پهرين ميچ بولينڊ پارڪ، پرل ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم پاڪستان کي 3 ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز ۾ 2-0 تان شڪست ڏني هئي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا جي دوري تي آهي جتي هو ميزبان ٽيم خلاف ٽي ٽي 20، ٽي ون ڊي ميچن جي سيريز کانسواءِ 2 ٽيسٽ ميچون به کيڏيندي. پاڪستان ٽيم جي قيادت ناليوارو وڪيٽ ڪيپر بيٽمين محمد رضوان ڪري رهيو آهي جڏهن ته پروٽيز ٽيم جي ٽيمبابووما اڳواڻي ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ون ڊي ميچ 19 ڊسمبر تي سپر اسپورٽس پارڪ، سنچورين جڏهن ته ٽي ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 ڊسمبر تي وانڊررز اسٽيڊيم، جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز جا ٽئي ميچز ڊي اينڊ نائٽ هوندا ۽ فلڊلائٽس جي روشني ۾ کيڏيا ويندا.