هملٽن -13 ڊسمبر (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٽيئن ۽ آخري ميچ 14 ڊسمبر کان 18 ڊسمبر تائين سڊني پارڪ هملٽن ۾ کيڏي ويندي انگلينڊ جي ٽيم کي ميزبان نيوزيلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلاتي ڪاميابي حاصل آهي. انگلينڊ جي ٽيم ڪيوي ٽيم کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 8 وڪيٽن تان هارايو جڏهن ته ٻن ڏينهن جي وارم اپ ميچ کٽڻ ۽ هارڻ جي فيصلي جي بغير ختم ٿي وئي انگلينڊ جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي نيوزيلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 عالمي ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي، جنهن جون ٻه ميچون کيڏيون ويون آهن ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز آئي سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپئين شپ جو حصو آهي.