لنڊن-11 ڊسمبر (اي پي پي) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 14 ڊسمبر تي وڌيڪ 5 ميچن جو فيصلو ٿيندو. اي پي ايل ۾ فٽ بال ي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا. پهرين ميچ آرسنل ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ ايمرٽس اسٽيڊيم، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٻين ميچ ليورپول ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جيڪا اينفليڊ، ليور پول ۾ ٿيندي، ٽين ميچ ۾ ليٽرسٽي ۽ نيوڪسل يونائيٽيڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ سينٽ جيمزپارڪ، نيوڪيسل ايون ٽائون انگلينڊ ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ وولور هيمپٽن ۽ اپيسوچ ٽائون جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي جيڪا مولينڪس اسٽيڊيم، وولور هيمپٽن ۾ کيڏي ويندي. 14 ڊسمبر تي پنجين ۽ آخري ميچ ناٽنگم فارسٽ ۽ آسٽن ولا جي ٽيمن وچ ۾ سٽي گرائونڊ، ناٽنگم ۾ کيڏي ويندي. انگلش پريميئر فٽ بال ليگ جي 33 هين ايڊيشن جي شروعات ٿي چڪي آهي، جيڪو مجموعي طورتي انگلش فٽ بال جو 126هون ايڊيشن آهي.