لاڙڪاڻو-11 ڊسمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ ۾ سوار ڳورهاري عورت رستي ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو. لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۾ سوار عورت کي تڪليف شروع ٿي ته رستي ۾ ڪا به اسپتال نه هجڻ سبب ڪوچ ۾ سوار گائنيڪالوجسٽ ڊاڪٽر شازيه پٺاڻ عورت جي ڊليوري ڪرائي ۽ عورت ڪوچ ۾ ٻارڙي کي جنم ڏنو. ٻارڙي جي پيدائش کان پوءِ ڪوچ ۾ سوار مسافر پڻ خوش ٿيا ۽ سمورن مسافرن ٻارڙي جي والدين کي مبارڪ پيش ڪئي ۽ ڊليوري ڪندڙ ڊاڪٽر شازيه پٺاڻ کي ڪامياب ۽ تاريخي ڊليوري ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏئي سندس شڪريو ادا ڪيو.