لنڊن- 10 ڊسمبر (اي پي پي) ويسٽ هيم يونائيٽيڊ انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ سخت مقابلي بعد وولور هيپٽن جي ٽيم کي 2-1 گول تان هارائي ڇڏيو. ٽامس سوسڪ ۽ جيروڊبوون هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم ويسٽ هيم يونائيٽيڊ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن. لنڊن اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ ويسٽ هيم يونائيٽڊ ۽ وولور هيمپٽن جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون، جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو. ٽامس سوسڪ ۽ جيروڊبوون هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم ويسٽ هيم يونائيٽيڊ کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.