برسبين – 6 ڊسمبر (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ڀارت جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 8 ڊسمبر تي ايلن بارڊر فيلڊ، برسبين ۾ کيڏي ويندي. ميزبان آسٽريلوي عورتاڻي ٽيم کي ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾1-0 جي برتري حاصل آهي . آسٽريلوي عورتاڻي ٽيم پهرين ون ڊي ميچ ۾ ڀارتي ويمن ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي. ڀارتي عورتاڻي ٽيم اڄلڪهه آسٽريليا جي دوري تي آهي جتي ميزبان ٽيم خلاف ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي جنهن جي پهرين ميچ کيڏجي چڪي آهي، ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي هرمن پيرت ڪور ڪري رهي آهي جڏهن ته آسٽريلوي عورتاڻي ٽيم تليا ميڪ گراٿ جي قيادت هيٺ ميدان ۾ لهندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز آئي سي سي چيمپئين شپ جو حصو آهي . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٻي ميچ 8 ڊسمبر تي برسبين ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 ڊسمبر تي ڊبليو اي سي اي، گرائونڊ ۾ کيڏي ويندي.