ڊربن-06 ڊسمبر (اي پي پي)ڏکڻ آفريقا ۽ انگلينڊ جي وومين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 8 ڊسمبر تي ڪنگس ميڊ، ڊربن ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ڏکڻ آفريقا جي وومين ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ انگلينڊ وومين خلاف 1-0 جي سرسري حاصل آهي. ان کان اڳ انگلينڊ جي وومين ٽيم ميزبان ڏکڻ آفريقا جي ٽيم کي ٽن ٽي -20 بين الاقوامي ميچن جي سيريز ۾ 3-0 تان وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 ڊسمبر تي کيڏي ويندي. جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ 15 کان 18 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.