ميڊرڊ- 20 نومبر (اي پي پي) سلواڪيه جي ٽيم پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب ويمن ٽينس ايسوسي ايشن (ڊبليو ٽي اي) بلي جين ڪنگ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. جڏهن ته انگلينڊ جي ويمن ٽيم سيمي فائنل رائونڊ ۾ هارائڻ کانپوءِ ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي. سلواڪيه جي ويمن ٽيم بلي جين ڪپ جي ٻين سيمي فائنل ميچ ۾ برطانوي ويمنز ٽيم کي 2-1 تان هارائي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو، ائين انگلينڊ جي ٽيم جو ڊبليو ٽي اي بلي جين ڪنگ ڪپ جي فائنل ۾ پهچڻ جو خواب پورو ٿي سگهيو. ڊبليو ٽي اي بلي جين ڪنگ ڪپ جي مقابلي م اسپين جي شهر ملا گا جي مارٽن ڪارپينا ايرينا ۾ جاري آهن. ويمنز سنگلز مقابلي جي ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ سلواڪيه ۽ انگلينڊ جي وومين ٽينس ٽيمون آمهون سامهون هيون، سلواڪيه جي وومين ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي انگلينڊ جي وومين ٽيم کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 سيٽس تان هارايو ۽ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ڊبليو ٽي اي جين ڪپ جي فائنل ميچ ۾ سلواڪيه جي ويمنز ٽيم جو مقابلو اٽلي جي ٽيم سان ٿيندو.