حيدرآباد- 20 نومبر (اي پي پي) سنڌجي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته شاگرد اسان جي مستقبل جا ھيروز آھن، پوري دُنيا ۾ نوجوان نسل نون آئيڊياز سان نوان حل سامھون آڻي رھيو آھي، اسان کي به گھرجي ته پنھنجي نوجوان نسل جي حوصلا افزائي ڪيون ته جيئن اسان جا نوجوان اڳتي وڌي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن. اسريٰ يونيورسٽي حيدرآباد ۾ فيڪلٽي آف سول انجنيئرنگ سائنس جي نئين تعمير ٿيل عمارت جي افتتاح بعد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ اسريٰ يونيورسٽي حيدر آباد سُٺو ڪم ڪري رھي آھي، مون شاگردن جا اسٽال ڏٺا، اسان جا شاگرد سُٺو ڪم ڪري رھيا آھن، اسان کي پنھنجي نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گھرجي. ھن چيو تھ سنڌ سرڪار پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ھوا سان بجلي پيدا ڪري رھي آھي، ٿر جي ڪوئلي مان پھريون ڀيرو بجلي پيدا ڪرڻ جو سلسلو به پيپلز پارٽي شروع ڪيو، شھيد بي بي ٿر ڪول منصوبو شروع ڪيو، سندس حڪومت جي خاتمي بعد جيڪا ٻي حڪومت آئي اُن ٿرڪول منصوبو بند ڪري ڇڏيو، 2008 ۾ آصف علي زرداري صدر بڻيو ته اُن ٿرڪول منصوبو ٻيھر شروع ڪرايو، اڄ ٿرپارڪر جي ڪوئلي مان ھزارين ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رھي آھي، معاشي ماھر اڄ اعتراف ڪن ٿا ته سستي بجلي ٿر جي ڪوئلي مان ئي پيدا ٿي سگھي ٿي، سنڌ پوري پاڪستان کي اھو تحفو ڏنو، ٿر جي ڪوئلي مان سستي بجلي ملي رھي آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان ۾ تمام گھڻا موقعا موجود آھن، اسان جو نوجوان نسل صلاحيتون رکندڙ آھن، اسان کي قوم طور پنھنجي پيرن تي بيھڻو پوندو ته جيئن اسان کي مدد لاءِ ڪنھن ڏانھن ڏسڻو نه پوي، نوجوان مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي ھڪ مضبوط پاڪستان ۽ قوم بڻائي سگھون ٿا. ھن چيو ته سنڌ سرڪار ڪيترن ئي موقعن تي ڪم ڪري رھي آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رھيو آھي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻھن کي ھنر سيکاريا ويا، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ سنڌ سرڪار اھڙا منصوبا آڻيندي جن سان اسان جا نوجوان عزت ڀريو روزگار ڪري سگھندا. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي، ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، سکر، شھيد بينظير آباد ۾ پيپلز بس سروس ڏني وئي آھي، پاڪستان ۾ پھرين اي وي بس ۽ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ بس سروس پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار شروع ڪئي، ڪراچي ۾ يلو لائن ۽ ريڊ لائن بي آر ٽي تي ڪم ھلي رھيو آھي، اسان جي ڪوشش ھوندي ته حيدرآباد کي به بي آر ٽي ڏني وڃي. ھن چيو ته اسان جي ڪوشش ھوندي تھ ڊبل ڊيڪر بسون اسان جي صوبي ۾ شروع ٿين، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اسان جي اھا به ڪوشش آھي ته سنڌ جي سمورن شھرن ۾ پيپلز بس سروس شروع ٿئي، نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ اي وي ٽيڪسيز جو سلسلو شروع ڪرڻ وڃي رھيا آھيون، اسان جي ڪوشش ھوندي ته نوجوانن کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسيز ڏيون ته جيئن اُھي عزت ڀريو روزگار ڪري سگھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان کي ھر شعبي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ملڪ جا سمورا کاتا ٺيڪ ڪم ڪن ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، شاگردن جي انرولمينٽ وڌائڻ جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار پاران وفاق سان ڳالھائيندس.