ڪينبرا- 19 نومبر (اي پي پي) آسٽرليا ڪرڪيٽ جي انتظام هيٺ وويمنز بگ بيش ليگ جي 10 هين ايڊيشن ۾ انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ليگ ۾ اربع 20 نومبر تي هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو جنهن ۾ سڊني ٿنڊر ۽ ميلبورن اسٽارز جون عورتاڻيون ٽيمون ڊرموئن اوول، سڊني ۾ مهاڏو اٽڪائينديون. ٽورنامنٽ ۾ 8 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري رهيون آهن. ٽورنامنٽ پهرين ڊسمبر تي ختم ٿيندو.