لنڊن _ 14 نومبر (اي پي پي ) انگلش پريميئر فٽ بال ليگ ۾ 23 نومبر تي وڌيڪ 7 ميچن جو فيصلو ٿيندو . اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن . پهرين ميچ ليسٽر سٽي ۽ چيلسي جي ٽيمن وچ ۾ ليسٽر جي هنڌ تي کيڏي ويندي ، ٻين ميچ بورن مائوٿ ۽ برائٽن اينڊهووالبيون جي ٽيمن وچ ۾ بورن مائوٿ جي هنڌ تي کيڏي ويندي ، ٽين ميچ ۾ آرسنل ۽ ناٽنگم فارسٽ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي ۽ اها ميچ لنڊن ۾ کيڏي ويندي . چوٿين ميچ آسٽن والا ۽ ڪرسٽل پيلس جي ٽيمن وچ ۾ برمنگهم ۾ کيڏي ويندي ، پنجين ميچ ۾ ايورٽن ۽ برينٽ فورڊ جون ٽيمون ليور پول ۾ آمهون سامهون ٿينديون . ڇهين ميچ فلهم ۽ وولورهيمپٽن جي ٽيمن وچ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. جڏهن ته 23 نومبر تي کيڏي ويندڙ ستين ۽ آخري ميچ ۾ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي ۽ ٽونٽم هاٽ پور جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون ۽ اها ميچ مانچسٽر ۾ کيڏي ويندي . انگلش پريميئر فٽ بال جي 33 هين سيزن جي شروعات ٿي چڪي آهي.