سنچورين-12 نومبر (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 04 ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽئين ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ سنچورين ۾ کيڏي ويندي. اها ميچ ڊي نائٽ ٿيندي ۽ فلڊ لائٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز 1-1 تان برابر آهي. ڀارت پهرين ميچ ۾ ميزبان پروٽيز کي 61 رنسن تان هارايو هو، ٻي ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ڀارت کي ٽن وڪيٽن تان هارائي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي. ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آفريقا جي دوري تي آهي جتي هن ميزبان پروٽيز ٽيم خلاف 04 عالمي ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏڻي آهي. ڀارتي ٽيم جي قيادت سوريا ڪمار ياديو ڪري رهيو آهي. سيريز جي ٽئين ٽي – ٽوئنٽي ميچ 13 نومبر تي سپر اسپورٽس پارڪ، سنچورين ۾ کيڏي ويندي، چوٿين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 15 نومبر تي وانڊررز اسٽيڊيم، جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.