ڪينبرا _12 نومبر (اي پي پي) آسٽريليا ڪرڪيٽ (سي اي ) جي اهتمام هيٺ وومينز بگ بيش ليگ جي 10 هين ايڊشن ۾ انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلن جو سلسلو آسٽريليا ۾ جاري آهي . ليگ ۾ (اڄ ) اربع ڏينهن هڪ ميچ جو فيصلو ٿيندو جنهن ۾ هوبارٽ هريڪنز ۽ دفاعي چيمپئين ايڊيليڊ اسٽرائيڪرز جون عورتاڻيون ٽيمون بيلريواوول، هوبارٽ ۾ آمهون سامهون ٿينديون . ليگ جي فائنل ميچ پهرين ڊسمبر تي کيڏي ويندي.