رياض- 08 نومبر (اي پي پي)آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار باربورا ڪريجيڪووان بهترين ڪارڪردگي سبب ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ پرپل گروپ جي مرحلي ۾ عورتن جي سنگلز مقابلن جي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. 28 سالن جي جمهوريه چيڪ جي ٽينس اسٽار بار بورا ڪريجيڪووا ڊبليو ٽي اي فائنلز ۾ عورتاڻي سنگلز مقابلن جي پرپل گروپ جي ٻي ميچ ۾ آمريڪي جي مخالف رانديگرياڻي ڪوڪو گف کي شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ڊبليو ٽي اي جون ميچون سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض جي ڪنگ سعود يونيورسٽي انڊور ايرينا ۾ جاري آهن .