ميلبورن – 04 – نومبر (اي پي پي) آسٽريليا دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي سيريز جي پهرين هڪ ڏينهن واري عالمي ڪرڪيٽ مئچ ۾ 2 وڪيٽن سان هارائي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0 – 1 جي سرسيءَ حاصل ڪري ورتي. پاڪستان جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪري 203 رنسون ٺاهي آسٽريليا کي مئچ ۾ ڪاميابي جي لاءِ 204 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو بعد ۾ آسٽريلوي ٽيم 33.3 اوورز ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. پاڪستان پاران حارث رئوف ٽي، شاهين شاهه آفريدي ٻه جڏهن ته نسيم شاهه ۽ محمد حسنين هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو. آسٽريليا جي ناليواري فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ کي عمده ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. آسٽريليا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي وچ ۾ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ، ميلبورن تي پهرين ون ڊي مئچ شروع ٿي ته ميزبان آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو ان جي لاءِ سٺو رهيو. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 3 رنسن تي ڪِري پئي جڏهن مچل اسٽارڪ صائم ايوب کي هڪ رنس تي ڪلين بولڊ ڪيو جڏهن ته پاڪستان ٽيم جي ٻي وڪيٽ 24 رنسن تي ڪِري جڏهن عبدالله شفيق 12 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، گرين شرٽس ٽيم جي ٽئين وڪيٽ 63 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪِري جڏهن بابر اعظم 37 رنسون ٺاهي ايڊم زمپا جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو، پاڪستان جو چوٿون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ڪامران غلام هو، جيڪو رڳو 5 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي جوش انگلس جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 101 رنسن تي ڪِري جڏهن نائب ڪپتان سلمان علي 12 رنسون ٺاهي شان ايبٽ جي بال تي ميٿيو شارٽ جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. پاڪستان جو ڇهون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر ڪپتان محمد رضوان هو جيڪو 44 رنسون ٺاهي مارنس لبوشين جي بال تي جوش انگلس جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. شاهين شاهه آفريدي پاڪستان جو ستون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو 24 رنسون ٺاهي مچل اسٽارڪ جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. عرفان خان 22 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. حارث رئوف پاڪستان جو نائون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ايڊم زمپا جو شڪار بڻيو. نسيم شاهه پاڪستان جو آخري آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو 40 رنسون ٺاهي پيٽ ڪمنز جي بال تي مچل اسٽارڪ جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. محمد حسنين 2 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو. اهڙي طرح پاڪستان جي ٽيم 46.6 اوورز ۾ 203 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ هن ميزبان آسٽريلوي ٽيم کي مئچ ۾ ڪاميابي جي لاءِ 204 رنسن جو هدف ڏنو. آسٽريليا پاران مچل اسٽارڪ 3، پيٽ ڪمنز ۽ ايڊم زمپا 2، 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته شان ايبٽ ۽ مارنس لبوشين 1، 1 وڪيٽ حاصل ڪئي. جواب ۾ 204 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ آسٽريليا پاران ميٿيو شارٽ ۽ جيڪ فريزر ميڪ گرڪ اننگز جي شروعات ڪئي، جيڪا ڪجهه خاص نه هئي آسٽريليا جون پهريون ٻه وڪيٽون 28 رنسن جي مجموعي اسڪور تي ڪِري پيون. ميٿيو شارٽ 1 رنس ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي صائم ايوب جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو جڏهن ته جيڪ فريزر ميڪ گرڪ 16 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي بال تي عرفان خان جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. ان کانپوءِ اسٽيو سمٿ ۽ جوش انگلس ٽئين وڪيٽ تي محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪندي 85 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ڪئي، جڏهن ته 113 رنسن جي مجموعي اسڪور تي اسٽيو سمٿ 44 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي بال تي صائم ايوب جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. جوش انگلس آسٽريليا جو چوٿون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو 49 رنسون ٺاهي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي عرفان خان جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. ٻنهي رانديگرن جي آئوٽ ٿيندي ئي آسٽريلوي ٽيم جي بيٽنگ لائين وِکري وئي. مارنس لبوشين 16 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي بال تي عرفان خان جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو ۽ گلين ميڪسويل بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي حارث رئوف جي بال تي محمد رضوان جي هٿان ڪئچ آئوٽ ٿيو. آرون هارڊي آسٽريليا جو ستون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو 10 رنسون ٺاهي محمد حسنين جي بال تي ڪلين بولڊ ٿيو. سين ايبٽ آسٽريليا جو اٺون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر هو جيڪو 13 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. ڪپتان پيٽ ڪمنز 32 ۽ مچل اسٽارڪ 2 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. اهڙي طرح آسٽريلوي ٽيم پاڪستان کي پهرين ون ڊي مئچ ۾ 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0 – 1 جي برتري حاصل ڪري ورتي. آسٽريليا جي مچل اسٽارڪ کي شاندار ڪارڪردگي تي مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.