ميلبورن -04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين مڊل آرڊر بيٽسمين عرفان خان ۽ اوپننگ بيٽسمين صائم ايوب ڊيبيو سان آسٽريليا خلاف پنهنجي ون ڊي ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي. ٻنهي رانديگرن ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ آسٽريليا خلاف جاري 3 ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ شرڪت ڪري اهو اعزاز حاصل ڪيو. عرفان خان آسٽريليا خلاف پهرين ون ڊي ميچ سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. هو ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ 243هن جڏهن ته صائم ايوب ون ڊي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ 244هون پاڪستاني رانديگر بڻجي ويو آهي.