ٽوڪيو 28 آڪٽوبر (اي پي پي ) چين جي ٽينس اسٽار زينگ ڪنوين ڊبليو ٽي اي ٽور پين پيسيفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومين جي سنگلز مقابلن جو ٽائٽل کٽي ورتو آهي. تفصيل مطابق 22 ورهين جي چين جي ٽينس رانديگر زينگ ڪنوين ويمنز سنگلز فائنل ميچ ۾ وائلڊ ڪارڊ تي انٽري حاصل ڪري 25 سالن جي آمريڪي ٽينس رانديگر صوفيه ڪينن کي شڪست ڏني. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ ٽور پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاپان ۾ جاري آهن . عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ چين جي ٽينس رانديگر زينگ ڪنوين شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف آمريڪي رانديگر صوفيه ڪينن کي ٽائي بريڪ تي اسٽريٽ سيٽس ۾ 7-6 (7-5)۽6-3 تان هارائي ٽورنامينٽ کٽي ورتو. چين جي زينگ ڪنوين فائنل ميچ ۾ هڪ ڪلاڪ ۽ 52 منٽن کان پوءِ مخالف آمريڪي رانديگر صوفيه ڪينن کي هارائي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو. 22 سالن جي زينگ ڪنوين گذريل سال گوانگزو ۾ ڪاميابي کان پوءِ سال جو ٽيون ۽ هارڊ ڪورٽ تي پهريون تائٽل حاصل ڪيو آهي.