اسلام آباد-24 آڪٽوبر (اي پي پي)انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ريزرو بيٽسمين جارڊن ڪاڪس اڄ خميس تي پاڪستان کان واپس روانو ٿي ويندو. 24 سالن جو انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو رانديگر جارڊن ڪاڪس وائٽ بال اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ وطن واپس ويندو ۽ ايندڙ مهيني ڪيريبين جو دورو ڪندو. ٻئي پاسي ليگ اسپنر ريحان احمد ٽيسٽ ميچ ختم ٿيڻ تي وائٽ بال اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو.