ٽوڪيو -24 آڪٽبر (اي پي پي )ڪينيڊا جي ٽينس اسٽار بيانڪا اينڊ ريسڪو ۽ روس جي ٽينس اسٽار ڊيانا ميڪسيمونا شنائيڊر ڊبليو ٽي اي ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومين سنگلز مقابلن جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ داخل ٿي ويون آهن جڏهن ته برازيل جي ٽينس اسٽار بيٽريز حداد مايا، ميچ دوران فٽنيس مسئلي سبب مقابلي تان هٿ کڻي وئي ۽ بلغاريه جي ٽينس رانديگرياڻي وڪٽوريا ڪونسٽنٽينو اٽو مووا ٻئي رائونڊ ۾ هارائي ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاپان ۾ جاري آهي. وومين سنگلز مقابلن جي ٻئي مرحلي جي ميچ ۾ 24 سالن جي ڪينيڊا جي ٽينس اسٽار بيانڪااينڊريسڪو کي برازيل جي مخالف ٽينس رانديگرياڻي بيٽريز حداد مايا خلاف پهرين سيٽ ۾ 0-3 جي سرسري حاصل هئي. برازيل جي بيٽريز حداد مايا فٽنس مسئلن سبب مقابلو جاري نه رکي سگهي ۽ ميچ تان هٿ کڻي وئي . ڪينيڊا جي ٽينس اسٽار بيانڪا وينيسا اينڊريسڪو آساني سان ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . هڪ ٻي ميچ ۾ روس جي ٽينس رانديگرياٻي ڊيانا ميڪسيمونا شنائيڊر شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي بلغاريه جي ٽينس رانديگرياڻي وڪٽوريه ڪونسٽنٽينوا ٽومووا کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 2-6 ۽ 2-6 تان هارائي ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو.