ٽوڪيو -22 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي ٽينس اسٽار بيانڪا وينسيا اينڊريسڪو ڊبليو ٽي اي ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومين سنگلز مقابلن ۾ ڪاميابي سان شروعات ڪندي ٻئين رائونڊ ۾ پهچي وئي جڏهن ته جاپان جي ٽينس اسٽار مي يا گوچي شروعاتي رائونڊ ۾ شڪست کانپوءِ ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ ٽوري پين پيسفڪ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاپان ۾ جاري آهي. عورتاڻي سنگلز مقابلن جي شروعاتي مرحلي جي ميچ ۾ 24 سالن جي ڪينيڊين ٽينس اسٽار بيانڪا وينيسا اينڊريسڪو شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي مخالف ميزبان جاپاني ٽينس رانديگر مي ياماگوچي کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 5-7 ۽ 3-6 تان هارائي نه رڳو ايونٽ ڪامياب نموني منعقد ڪيو پر ايندڙ رائونڊ لاءِ به ڪواليفائي ڪيو.