نئين دهلي -21 آڪٽوبر (اي پي پي )ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 24 کان 28 آڪٽوبر تائين مهارا شٽر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن اسٽيديم، پوني ۾ کيڏي ويندي . مهمان ٽيم کي ميزبان ڀارتي ٽيم خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. نيوزيلينڊ جي ٽيم 16 کان 20آڪٽوبر تائين ايم چناسوامي اسٽيڊيم، بنگلورو ۾ کيڏي ويندي. ٽن ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ ڀارت جي ٽيم کي 8 وڪيٽن تان شڪست ملي هئي . نيوزيلينڊ جي ٽيم پنهنجي ڀارت جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ 24 آڪٽوبر کان 28 آڪٽوبر تائين مهاراشتر ڪرڪيٽ ايسو سي ايشن اسٽيڊيم، پوني ۾ کيڏي ويندي . ڀارتي ٽيم جي اڳواڻي مشهور بيٽسمين روهت شرما ڪري رهيو آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ پهرين نومبر کان 7 نومبر تائين وانکنڊي اسٽيڊيم، ممبئي ۾ کيڏي ويندي.