لنڊن -21 آڪٽوبر (اي پي پي )دفاعي چيمپئين مانچيسٽر سٽي انگلش پريميئر ليگ جي هڪ ميچ ۾ وولور هيمپٽن کي سخت مقابلي بعد 1-2 تان هارائي ڇڏيو. پريميئر ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن مولينڪس اسٽيڊيم وولور هيمپٽن، انگلينڊ ۾ کيڏيل ليگ جي اهم ميچ ۾ دفاعي چيمپئين مانچيسٽر سٽي دلچسپ مقابلي کانپوءِ وولور کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان هارائي ڇڏيو. اينفيلڊ، ليور پول، انگلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ليور پول جي ٽيم چيڪسي کي سخت مقابلي بعد هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان هارائي ڇڏيو. ليور پول جي محمد صالح ميچ جي 29 هين منٽن ۾ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي چيلسي خلاف 0-1 جي سرسري ڏياري چيلسي جي نڪولس جيڪسن ميچ جي پهرين هاف کانپوءِ 48 هين منٽن ۾ هڪ گول ڪري مقابلو 1-1 گول تان برابر ڪري ڇڏيو.ليور پول پاران پين ڪرٽس جونز ميچ جي 51 منٽن تي هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم کي چيلسي خلاف 1-2 گول ڪري ڪاميابي ڏياري جيڪا ميچ جي آخر تائين برقرار رهي. ان ڪاميابي سميت ليور پول جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 21 پوائنٽس سميت پهرين نمبر تي رهي جڏهن ته دفاعي چيمپئين مانچيسٽر سٽي 20 پوائنٽس سميت ٻئين نمبر تي رهي.