ڪراچي-04 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته هن وقت پاڪستاني کجور جي عالمي منڊي ۾ تمام گهڻي طلب آهي، پاڪستاني کجور جي عالمي منڊين تائين مڪمل رسائي سان تمام گهڻو مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، ڪامياب فيسٽيول ڪرائڻ تي منتظمين کي واڌايون ڏيان ٿو ان اميد سان ته ان فيسٽيول سان شراڪت ۽ سهڪار جا نوان دڳ کلندا. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني کجور جي پهرين عالمي فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تقريب ۾ شرڪت تي گورنر سنڌ جي آجيان ڪئي. گورنر سنڌ، شيخ منصور بن زيد النهيان جا ٿورا مڃيا، جنهن جي هدايت تي ڪراچي ۾ پهريون کجور فيسٽيول منعقد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته فيسٽيول ڪرائڻ تي گڏيل عرب امارات جي صدر کي پرڏيهي وزارت وسيلي مهربانيءَ جو خط لکندس، گورنر گورنر هائوس ۾ کجين جي آبادگارن کي دعوت ڏيندي سندن مدد لاءِ فيسليٽيشن ڪائونٽر قائم ڪرڻ جو اعلان به ڪيو. ان سان وفاقي ادارن ۽ صوبي وچ ۾ رابطن ۾ مدد ملندي جنهن سان پاڪستاني کجي جي روانگي واپار کي وڌيڪ ترقي ملندي. ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي کجي جي وڏي پيداوار ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته هن وقت اسين کجي جي هڪ وڻ مان 50 ڊالر ڪمايون ٿا جڏهن ته ٻيا 1500 ڊالر ڪمائين ٿا ، ان جو وڏو سبب ٽيڪنالاجي جي کوٽ ۽ ڌيان جي گهٽتائي آهي ان ڏس ۾ اسان کي ڪمرشل پلانٽيشن جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ جلد خيرپور ميرس ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪندس ته جيئن آبادگارن جي مسئلن جي فوري حل جا قدم يقيني بڻائي سگهجن.